پاپڙي

پاپڙي

پاپڙي 1

پاپڙي: ڪن جي هيٺئين لڙڪندڙ حصي واري چم کي ”پاپڙي“ چوندا آهن. نينگرين جي پاپڙين کي ننڍي هوندي ئي ٽوپائي ڇڏبو آهن، ته جيئن ڌيءَ ۽ پٽ ۾ سڃاڻپ جو فرق هڪ طرف محسوس ٿئي، ته ٻئي طرف نينگري وڏي هوندي هار سينگار جا ڳهه ڳٺا پائي سگهي. پاپڙين ۾ پائڻ جا ڳهه، واليون، ڪيوٽيون، پنڙا، ايئررنگ (Ear rings) وغيره سڏبا آهن.- ڪنهن بنهه سنهي پاپڙ جهڙي شيءَ کي به پاپڙي چئبو آهي، جيئن چپن تي خشڪيءَ کان کل ڄمي ويندي آهي ته چئبو آهي ”چپن تي پاپڙيون ڄمي ويون اٿس“.- ڄانڀي جي کڙکي به پاپڙي چئبو آهي. پاڻيءَ ڏنل زمين اُڦرڪي پوندي آهي، ته ان لاءِ به چوندا آهن ته زمين پاپڙي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


جسم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تارُون
جاذ
پاپڙي 1
جادَو
جسم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون